اسٽيل ملز جي 1370 ملازمن جي بحالي لاءِ وزيراعظم سان ڳالهائڻ، اسڪول ۽ اسپتالون هلائڻ جو اعلان

0
19
اسٽيل ملز جي 1370 ملازمن جي بحالي لاءِ وزيراعظم سان ڳالهائڻ، اسڪول ۽ اسپتالون هلائڻ جو اعلان
اسٽيل ملز جي 1370 ملازمن جي بحالي لاءِ وزيراعظم سان ڳالهائڻ، اسڪول ۽ اسپتالون هلائڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ اعلان ڪيوآهي  ته سنڌ حڪومت اسٽيل ملز سان لاڳاپيل اسپتالن، اسڪولن ۽ ڪاليجن کي هلائڻ لاء پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺندي. هن اسٽيل ٽائون ۾ پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي بحال ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ اسٽيل ملز انتظاميه ۽ ٽريڊ يونين جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته  اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ 700 ايڪڙ زمين رکي وئي آهي،ملز انتظاميه ۽ لاڳاپيل وزارت نئين اسٽيل پلانٽ جي تجارتي فزيبلٽي اسٽڊي ڪري رهيا آهن. هن وفاقي حڪومت جي ملز بند ڪرڻ جي فيصلي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي زور ڏنو ته اسٽيل ملز ملازمن جون برطرفيون بحالي واري مقصد جي خلاف آهن. وڏي وزير چيو ته هو وزيراعظم شهباز شريف کي اپيل ڪندو ته رمضان کان اڳ برطرف ڪيل 1370 ملازمن کي بحال ڪيو وڃي ، جڏهن ته 2020 کان 2021 ع دوران  برطرف ٿيل 49 انٽرنيز ۽ ماهر ورڪرن کي به ٻيهر نوڪري ڏني وڃي.  هن واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته اسٽيل ٽائون لاءِ پاڻي جي فراهمي فوري بحال ڪئي وڃي،  وڏي وزير چيو ته اسٽيل ٽائون جي 100 بسترن واري اسپتال، اسڪولن ۽ ڪاليجن کي سنڌ حڪومت هلائيندي. هن چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ کي هدايت ڪئي ته هو انهن ادارن کي فوري طور تي فعال ڪرڻ کي يقيني بڻائي. گڏجاڻي ۾  يونين جي نمائندن بجلي جي وڌيڪ سروس چارجز تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. گڏجاڻي ۾ اسٽيل ملز جي سي اي او ٻڌايو ته اسٽيل ملز بجلي جي بل جي مد ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي 30 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا، جڏهن ته اسٽيل ٽائون جي رهواسين فقط 12 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا، انهي سان ملز کي نقصان ٿيو. وڏي وزير اسٽيل ملز جي شهيد ملازم سليم خشڪ جي خاندان لاءِ 50 لک رپيا جي مالي امداد جو اعلان ڪيو. هن هدايت ڪئي ته انهن برطرف ملازمن، جن کي اڃا تائين ادائيگي نه ٿي آهي، انهن کي ملازم سمجهيو وڃي.  پورهيت اڳواڻ شمشاد قريشي گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته 2021ع کان رٽائرڊ ملازمن جون پگهارون، غيرقانوني بجلي چارجز، اسٽيل ٽائون ۾ گيس جي فراهمي ۽ گلشن حديد فيز 4 جا مسئلا حل ڪيا وڃن، اجلاس ۾  صنعت ۽ پيداوار جي وزارت يقين ڏياريو ته مشاورت کانپوءِ فيز 4 جلد شروع ڪيو ويندو. گڏجاڻي ۾ وڏي وزير اسٽيل ٽائون جي مسواڙ ۽ بجلي ٽيرف جي مسئلن جي جائزو وٺڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي،  ساڳئي وقت اسٽيل ملز جي سي اي او ۽ صنعتن واري وفاقي سيڪريٽري يقين ڏياريو ته برطرف ملازمن کي  چئن هفتن اندر رهتن جي ادائگي ڪئي ويندي، اجلاس ۾ مراد علي شاھ چيو ته جيڪڏهن اسان اسٽيل ملز کي ٻيهر زنده ( هلائڻ ) ڪرڻ چاهيون ٿا ته پو ءِ  ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو ڪوبه سبب ناهي. آئون وزيراعظم آڏو اهو مامرو اٿاريندس،  ڇهن هفتن اندر سڀ مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.