ملير: اسٽيل ملز جي پورهيت اڳواڻ شوڪت ڪورائي ٻڌايو ت اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ ھڪ سئو ارب رپيا گهربل هوندا، هن وقت اسٽيل ملز بند هئڻ سبب ساليانو 4 ارب ڊالر جو لوھ ٻاهران گهرايو وڃي ٿو، ملز بحال ٿيڻ جي صورت ۾ اهي پئسا سرڪار کي بچندا، جڏهن ته 50 هزار ماڻھن کي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح روزگار ملي سگهي ٿو.