ملير (رپورٽر) اسٽيل ملز مان جبري طور تي برطرف ڪيل پورهيتن جو پاڪستان مارڪيٽ کان پريس ڪلب تائين مارچ: مظاهرو، ملز انتظاميه خلاف نعريبازي، پورهيتن جي ڌرڻي کي شوڪت ڪورائي، امجد زرداري، عبدالله ميمڻ، اعجاز ٻرڙو خطاب ڪندي چيو ته اسٽيل ملز مان رمضان جي مهيني ۾ 1373 پورهيتن کي جبري برطرف ڪري روزگار کسيو ويو، اڳ ۾ ساڍا 6 هزارن کان وڌيڪ پورهيتن کي جبري برطرف ڪيو ويو، اسٽيل ٽائون جي رهواسي پورهيتن کان گهر خالي ڪرائڻ لاءِ مختلف حربا هلائي گئس ۽ پاڻي بند ڪيو ويو، هاڻ وري اسان جي ٻارن لاءِ نئين سال ۾ داخلائن تي پابندي لڳائي وئي آهي، هنن چيو ته سنڌ ۾ پ پ سرڪار هوندي اسان لاءِ ڪير آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته اسان جي مطالبن کي نه مڃيو ويو ته ريلوي ٽريڪ بند ڪنداسين.