ملير: اسٽيل ملز جو موجوده مک پلانٽ 1280 ايڪڙن تي قائم آھي، پنهنجي اوج واري زماني ۾ اسٽيل جيٽي، آر ايم ايڇ ڊي، ڪوڪ اوون بيٽري BF .  SMD سميت 84 شعبا ڪم ڪندا هئا، اسٽيل ملز  سڌي ۽ اڻ سڌي طرح 50 هزار ماڻهن کي روزگار مهيا ڪري رهي هئي، اسٽيل مل جي پورٽ قاسم تي پنهنجي جيٽي هئي، جتي مال بردار جهاز ايران، انڊيا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا مان ڪوئلو آڻيندا هئا، اهو ڪوئلو جيٽي تان ريل گاڏي ۽ بليٽ ذريعي اسٽيل ملز منتقل ڪيو ويندو هو.