اسٽيل ملز بابت بلاول ڀٽو پورهيتن سان ڪيل واعدو پورو ڪري!

0
40
رمضان المبارڪ ۽ مهانگائيءَ جو مڪنو هاٿي!

خبرون آهن ته، پاڪستان اسٽيل ملز انتظاميا ملز جي مختلف شعبن جي 1373 ملازمن جون نوڪريون ختم ڪري ڇڏيون، ملازمن کي برطرفي جا ليٽر  جاري ڪيا ويا، جيڪي ملازمن جي گهرن وارين ايڊريسن تي موڪليا ويا آهن. ملز انتظاميا موجب، ملازمن جي برطرفي لاءِ  انڊسٽريل اينڊ ڪمرشل ايمپلائمينٽ (اسٽينڊنگ آرڊرز) آرڊيننس 1968 هيٺ ليبر ڪورٽ ۾ داخل درخواست جي فيصلي تحت برطرفي آرڊر جاري ڪيا ويا آهن. برطرف ڪيل ملازمن جو تعلق ملز جي هيلٿ، ايجوڪيشن، پي ڊي اين، سيڪيورٽي، آءِ آر ڊپارٽمينٽ، سي آر ايم، سي او بي پي، ايس ايم ڊي، ريلوي ڪيو سي ڊي، جي ٽي، سيفٽي ڊپارٽمينٽ، سينيٽري، آر ايم ايچ ڊي، آءِ آر شعبن سان آهي. پيپلز يونين طرفان ٽريبيونل ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پاڪستان اسٽيل ملز پاڪستان ۾ “صنعتن جي ماءُ” تصور ٿيندي آهي، پر ان اهم اداري کي حڪمرانن پنهنجا تجربا ڪندي، مفاد پرست ٽولن جي مفادن خاطر تباهه ڪري ڇڏيو. اسٽيل جون شيون ۽ خام لوهه مان خالص لوهه ٺاهڻ جي صلاحيت رکندڙ هي سڀ کان وڏو ادارو هو، جنهن جي سالياني پيداوار 11 لک ٽن لوهه پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ ئي وقت 55 لک ٽن لوهه کي مختلف شڪلين ۾ بدلائڻ جي صلاحيت پڻ رکندو هو. هي ادارو پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو سڀ کان وڏو ادارو هجڻ سان گڏوگڏ دنيا جي چند وڏين اسٽيل ملز ۾ شمار ٿيندو هو. ان جي تعمير دوران ئي ان کي اهڙي ريت ڊزائين ڪيو ويو هو ته وقت اچڻ تي ان جي پيداوار کي ٻيڻو ڪري سگهجي. شروع ۾ ملڪي پيداوار کي وڌائڻ لاءِ اسٽيل جي شين بابت ملڪي سيٺن ۽ واپارين کي پابند ڪيو ويو ته هو پاڪستان اسٽيل مل مان ئي مصنوعات خريد ڪن. هن اداري جي مڪمل پيداوار استعمال ڪرڻ کان پوءِ به جيڪڏهن طلب باقي رهي، ته پاڪستان اسٽيل مل کان اين او سي (NOC) حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به واپاري يا ڪمپني ٻاهرين ملڪن مان لوهه جون شيون درآمد نه ٿي ڪري سگهي. انهن سمورن شرطن ۽ هن اداري جي پيداوار کي نظر ۾ رکندي، هي چوڻ لڳ ڀڳ ناممڪن لڳندو هو ته هي ادارو خساري ۾ وڃي سگهي ٿو. پاڪستان اسٽيل مل، پاڪستان کان ٻاهر اسٽيل ٺاهيندڙ سرمائيدارن لاءِ وڏو مسئلو بڻجي ويو، ڇو ته هي مل پاڪستان جهڙي وڏي مارڪيٽ ۾ عالمي سرمائيدارن جي فولادي شين جي وڪرو لاءِ سڀ کان وڏي رڪاوٽ هئي. ان کي ختم ڪرڻ جو ڪم پرويز مشرف جي دور ۾ شروع ڪيو ويو. پاڪستان ۾ فولاد شين جي خريد لاءِ پاڪستان اسٽيل مل جي اجازت وٺڻ وارو قانون ختم ڪري، مارڪيٽ کي سرمائيداري مقابلي لاءِ کوليو ويو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته هڪ طرف اسٽيل مل جي شين جي وڪري ۾ گهٽتائي آئي، ته ٻئي طرف ان جون شيون تمام سستي اگهه تي وڪرو ڪري پاڪستان جي سيٺن ۽ واپارين کي وڏو منافعو ڪمائڻ جو موقعو ڏنو ويو. هن عمل جي نتيجي ۾ اسٽيل مل جي مالي ڪارڪردگي متاثر ٿي ۽ منافعو گهٽجڻ لڳو، جنهن کي نقصان ظاهر ڪري، ان کي خانگائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اسٽيل مل کي جن اگهن تي وڪرو ڪرڻ جو منصوبو هو، ان ماليت کان وڌيڪ فقط ان جي گودامن ۾ پيل ڪٻاڙ جي قيمت هئي. پورهيتن جي احتجاج ۽ عدالتي مداخلت سان اسٽيل مل جي خانگائڻ جو فيصلو ته واپس ورتو ويو، پر ان کي ٻيهر پيداوار لائق بنائڻ لاءِ ڪا به منصوبابندي نه ڪئي وئي. پرويز مشرف کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پوءِ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آئي، پر انهن سڀني به هن اداري کي بچائڻ لاءِ ڪوبه ڪردار ادا نه ڪيو.

مشرف جي دور ۾، جڏهن اسٽيل مل کي خانگائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان وقت ان جي پيداوار 100 سيڪڙي تي هلندڙ هئي. پر ان کانپوءِ ايندڙ ڏهن سالن ۾ ان جي پيداوار مڪمل طور تي تباهه ڪئي وئي. جون 2015ع ۾، پاڪستان اسٽيل مل کي گيس جي فراهمي معطل ڪئي وئي. ان جي نتيجي ۾ اسٽيل مل جي پيداوار ختم ٿي وئي، ۽ هي قومي ادارو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. هاڻي ته ملازمن کي برطرف ڪري ان اهم اداري جي هلڻ جا رستا بند ڪيا ويا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن اهم اداري کي فعال ڪري هلائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، هي ادارو نه صرف سڄي ملڪ جي ضرورتن کي، پر دفاعي ضرورتن کي به پورو ڪندڙ رهيو آهي. پ پ پ وفاقي حڪومت جو حصو آهي ۽ پ پ پ چيئرمين اسٽيل ملز جي پورهيتن سان ملز کي هلائڻ جو واعدو ڪيو هو، اهو واعدو پورو ڪيو وڃي.