ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ريجنل ٽيڪس آفيس ون لوهه ۽ اسٽيل سيڪٽر ۾ 315 ارب رپين جي ميگا سيلز ٽيڪس فراڊ جو پڪڙي ورتو، پلاٽينيم انٽرنيشنل ۽ ڪي ايڇ سنز جا 2 ڄڻا ماسٽر مائينڊ اويس اسماعيل ۽ فرهاد فراڊ ۾ ملوث مليا. آر ٽي او ون جي عملدارن فرهاد جي ڀاءُ شهزاد، ڪزن فيصل ۽ معروف الرحمان کي گرفتار ڪري ورتو، آر ٽي او-1 جي ٽيم ٽنهي ڄڻن کي ڪسٽم، ٽيڪسيشن ۽ اينٽي اسمگلنگ جي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت فيصل ۽ معروف الرحمان کي جيل اماڻي شهزاد کي 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي آر ٽي او-1 حوالي ڪري ڇڏيو آر ٽي او فراڊ جي مختلف ڪردارن جي گرفتاري لاءِ جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو