لاهور  (م ڊ) خبرون آهن ته اسٽيبلشمينٽ پنجاب ۾ ٻه نيون پارٽيون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾  هڪ مائنس عمران خان پارٽي هوندي ۽ هڪ جهانگير ترين جي پارٽي هوندي. نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جي پروگرام ۾ تجزيه ڪارن چيو ته خبرون آهن ته اسٽبلشمينٽ پنجاب ۾ ٻه نيون سياسي پارٽيون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته هڪ پارٽي جهانگير ترين جي هوندي جڏهن ته ٻي پارٽي مائنس عمران خان پي ٽي آءِ هوندي، ڪير اليڪشن وڙهي سگهي ٿو ڪير نه اهو اسٽبلشمينٽ جو نه پر عوام جو فيصلو هجڻ گهرجي. هوڏانهن تجزيي نگارن چيو آهي ته اسٽبلشمينٽ 2 نيون سياسي پارٽيون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جھانگير ترين جي ذريعن به دعويٰ ڪئي آهي ته فواد چوڌري جھانگير ترين سان فون تي رابطو ڪيو آهي. فواد چوڌري جھانگير ترين سان سياسي لائحه عمل طئي ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون.  ٻئي پاسي فواد چوڌري اڳتي سياست ڪرڻ جي ڳالهين کي رد ڪندي چيو آهي ته اڳ ئي چئي چڪو آهيان ته في الحال سياست ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، في الحال سياست کان وقفو ورتو آهي. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته  تحريڪ انصاف ڇڏيندڙ 26 اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن ق ليگ قيادت سان رابطو ڪيو آهي. ذريعن موجب رابطو ڪندڙن ۾ فيض الله ڪموڪا، چوڌري اخلاق ۽ ٻيا شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ ميمبرن پارٽي ۾ شموليت جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ٽڪيٽن جو مطالبو به ڪيو. ذريعن موجب ق ليگ چوڌري سرور کي رابطن جي ذميواري ڏني آهي ۽ کيس ٻين جماعتن سان ڳالهه ٻولهه جون ذميواريون به ڏنيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف ڇڏيندڙ ميمبرن جي ايڊجسٽمينٽ جو اختيار به چوڌري سرور کي ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب ق ليگ سان رابطو ڪندڙن جي اڪثريت جو واسطو ڏکڻ پنجاب سان آهي، فيض الله ڪموڪا جو فيصل آباد ۽ چوڌري اخلاق جو واسطو سيالڪوٽ سان آهي.