پشاور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ معيشت بهتر ڪرڻ چاهي ٿي پر ان کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي. پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي طاقتور بڻائڻ چاهي ٿي. مذهب جو نالو وٺو ته توهان کي دهشتگردي سان ڳنڍيو وڃي ٿو. اسان تي عالمي دٻاءُ آهي. اسان تي معاشي دٻاءُ آهي. پاڪستان جو معاشي بحران جو شڪار ٿيڻ ڪو واقعو نه آهي، پاڪستان کي اڄ معاشي بحران جو شڪار ڪيو پيو وڃي. هن چوي ته اسان انهن قوتن جو مقابلو ڪيو آهي، اسان وطن بچايو آهي. هي معاشي بحران ڪنهن حادثاتي طور نه پر سازشي طور تي آهن. هن چيو ته پاڪستان مسلمانن جو ملڪ ضرور آهي پر اسلامي رياست جو روپ اختيار ناهي ڪيو. صرف پي ٽي آءِ چيئرمين ئي نه پر ان کي قوم تي مڙهيندڙ به ڏوهي آهي. فضل الرحمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي ڪي پي جي سياست انهن ماڻهن جي حوالي ڪرڻ چاهين ٿا جيڪي ملڪ جا دشمن آهن. اسان جي صوبي ۾ ڏسون پيا ته زماني کان قبائيلين سان ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اسان کي اونداهي ۾ ڌڪيو پيو وڃي. اسين ان آسري تي اونداهي ۾ داخل ٿيندا وياسي ته متان اڳتي روشني هجي. هنن مان جيتري اميد رکندئو اوترو اودناهي ۾ گھڙندا ويندئو. هن چيو ته اسان کي پراڻا ليڪا ڊاهڻا پوندا ۽ نئون رستو وٺڻو پوندو.