اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي تصديق: اين ايف سي حصو نه مليو ته وري اسلام آباد تي ڪاهه ڪبي: گنڊاپور

0
21
اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي تصديق: اين ايف سي حصو نه مليو ته وري اسلام آباد تي ڪاهه ڪبي: گنڊاپور
اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي تصديق: اين ايف سي حصو نه مليو ته وري اسلام آباد تي ڪاهه ڪبي: گنڊاپور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور هڪ دفعو ٻيهر وفاق کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته هلندڙ مهيني ۾ اين اين ايف ۾ طئي ٿيل شيون نه مليون ته ڪي پي جي عوام، پوليس ۽ سرڪاري آفيسرن سميت اسلام آباد طرف نڪري پونداسين. افغانين کي زبردستي نٿا ڪڍي سگهون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ طالبان حڪومت سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته هن وقت جيڪي ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن انهن جو حل اسان وٽ آهي، اسان جي حڪومت ۾ دهشتگردي ختم ٿي وئي هئي. پوءِ حڪومت ختم ڪئي وئي، جنرل (ر) قمر جاويد باجوه اسان جي حڪومت ڪيرائي، ان کانپوءِ سڄو ڌيان پاڪستان تحريڪ انصاف تي ڪريڪ ڊائون تي ڏنو ويو. وڏي وزير گنڊاپور وڌيڪ چيو ته جتي دهشتگردن جي موجودگي جو اطلاع هوندو آهي اتي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ٿيندا رهندا آهن، اسان پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيٺل آهيون. اپيل ٿو ڪريان ته جنهن ڳالهه تي توهان راضپو ڏيکاريو هو ان تي عمل ڪريون، جيستائين افغانستان ۾ امن نه ٿيندو تيستائين پوري ريجن ۾ امن نٿو ٿي سگهي، توهان اهو نه ڏسي رهيا آهيو ته اسان جي ماڻهن هٿيار ڇو کنيا آهن؟ هن جنگ کي کٽڻ لاءِ توهان کي پهرين ماڻهن جون دليون کٽڻيون پونديون. اسلام آباد طرف مارچ جي ڌمڪي ڏيندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته مالياتي ايوارڊ تي اپريل ۾ گڏجاڻي جو واعدو ڪيو ويو هو، صدر کي ڪورونا ٿيو آهي، دعا آهي ته صحتياب ٿئي ۽ اين ايف سي گڏجاڻي سڏائي، ايوارڊ تي عمل نه ٿيو ته پوليس سميت سمورن ادارن سان گڏ اسلام آباد اينداسين، اسان کي لاوارث نه سمجهيو وڃي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڊيل واري ڪا به ڳالهه ناهي، ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، ملاقات منهنجي باني سان ٿي آهي، ترديد ٻيو ڪير ڪري رهيو آهي، آئون ته ڪو بيان ناهي ڏنو، آئون هر فورم تي باني پي ٽي آءِ جي جنگ وڙهندو رهندس. وڏي وزير علي امين گنڊاپور اعلان ڪيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ ڪنهن افغان پناهگير کي زبردستي نه ڪڍي ويندو. افغان پناهگيرن بابت اسان جون روايتون به آهن، جيڪي افغان پناهگير عزت سان وڃڻ چاهين ٿا کين سهولتون ڏينداسين. هن چيو ته افغان پناهگيرن کي ڪنهن به صورت ۾ زبردستي تڙي ڪڍڻ جي خلاف آهيون، خيبرپختونخوا مان ڪنهن به پناهگير کي زوري نه ڪڍيو ويندو.