پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسان اسٽيبلشمينٽ جي خلاف آهيون نه ئي وري اسان جو ان سان ڪو جهيڙو آهي، منهنجي ريڊ لائن پاڪستان آهي. سيمينار کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ نه مان نه ئي باني عمران خان انڪار ڪيو آهي. گنڊاپور وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ 2014ع جي ڌرڻن جي پويان نه هئي، نه منهنجو نه تحريڪ انصاف ۽ نه ئي باني پي ٽي آءِ جو فوج سان ڪو اختلاف آهي. خلائي مخلوق ڪڏهن به ناهي ڏٺي، نه ئي ڪڏهن اهڙي مخلوق طرفان ڪو پريشر آيو، مون باني جي حوالي سان ڪو بيان ناهي ڏنو. جن به رياست خلاف هٿيار کنيا اعلان جنگ ڪيو انهن سان ڳالهين جو حامي ناهي کانئن لاتعلقي جو اظهار ڪريان ٿو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اڄ پرامن احتجاج جو اعلان ڪريان ته پنجاب ۾ گرفتاريون شروع ٿي وڃن ٿيون، ياسمين راشد هڪ عورت آهي ٻڌايو ته ان جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ باني پي ٽي آءِ هميشه ڳالهين جو چيو آهي، پر هاڻي ڳالهيون ناهن ٿي رهيون ته ان ۾ ٿورو وقت لڳندو. حڪومتي سطح تي ڪاميٽيون ٺهيون پر ڪامياب نه ٿي سگهيون.