اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان صرف رابطا بحال ٿيا هئا ڳالهيون ناهن ٿيون، 24 نومبر کان اڳ صرف رابطن جي بحالي ٿي هئي، ڪابه ڳالهه بول ناهي ٿي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته تحريڪ انصاف جون اسٽيبلشمينٽ سان قطعي ڳالهيون شروع ناهن ٿيون، ڊيل جي تاثر واريون ڳالهيون بي بنياد آهن، جن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي. طلال چوڌري جي طالبان واپسي واري بيان بابت هن چيو ته ان جو بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي، اهڙا بيان ڏيڻ بدران پنهنجو ڌيان دهشتگردي روڪڻ تي ڏئي. بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ ڪنهن ٻئي پاڪستاني شهري کي نشانو بڻائڻ جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا.