اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ٻيا به مطالبا آهن جيڪي ايندڙ ملاقات ۾ پيش ڪيا ويندا، هن چيو ته هڪ مطالبو 9مئي ۽ 26 نومبر تي عدالتي ڪميشن جوڙڻ آهي، ٻيو مطالبو سياسي قيدين جي آزادي آهي، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي رئوف حسن چيو ته منهنجي نظر ۾ اسٽبلشمينٽ ئي اڻ سڌي طرح ڳالهيون ڪري رهي آهي.