ڪراچي(ڪامرس نيوز) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڪالهه هڪ ڀيرو وري ٻاڙائي جو شڪار رهي ۽ انڊيڪس هڪ لک 12 هزار پوائنٽن جي نفسياتي حد به برقرار رکي نه سگهيو. ڪالهه ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن ئي شيئرمارڪيٽ سخت ٻاڙائي جو شڪار رهي. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1264 پوائنٽون گهٽجي هڪ لک 11 هزار 986 پوائنٽن تي بند ٿيو. ڪالهه مارڪيٽ ۾ 11 ارب 88 ڪروڙ رپين جي ماليت جا 22 ڪروڙ 88 لک شيئر وڪرو ڪيا ويا. مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 140 ارب رپيا گهٽجي وئي ۽ 13 هزار 840 ارب رپين تي وڃي پهتي.