ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ 80 هزار پوائنٽن وار بلندي ڇهي ورتي: سون  1600 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻئي  ڏينهن به  تيزي رهي، هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 1199 پوائنٽن جي واڌاري سان 80001 پوائنٽن تي پهتي، جڏهن ته شام ڌاري اها 8 پوائنٽن جي اضافي سان 78810 پوائنٽن تي بند ٿي، ڪالهه 15 ارب 5 ڪروڙ رپين جا 20 ڪروڙ 73 لک شيئر وڪرو ٿيا، ٻئي طرف  ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1600 رپيا اضافي سان 241300 مان 242900 ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ وري 28 ڊالرن جي واڌ سان 2343 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته چاندي 2750 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾23 پئسا لاٿ سان 280.6 مان 280.37 ۽ انٽر مارڪيٽ ۾9 پئسا گهٽتائي سان 278.51 رپين تي بند ٿيو،  جڏهن ته پائونڊ ڏيڍ رپيو اضافي سان 354 مان 355.5 ۽ يورو وري 2 رپيا لاٿ سان 299.5 مان 297.5 رپين تي پهتا هئا