ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي: سيڙپڪارن جا 40 ارب ٻڏي ويا: سون 1000 رپيا مهانگو: ڊالر 280.1 رپين تي پهتو: ان ڏس ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي واري صوتحال رهي، 10 انڊيڪس 202 پوائنٽن جي لاٿ سان 116052 پوائنٽن تي پهچي وئي، هڪ موقعي تي انڊيڪس گهٽجي 113677 پوائنٽ ٿي وئي، جڏهن ته 3165 پوائنٽن تي بينڊ پڻ ٿي، ڪالهه 39 ارب جا 79 ڪروڙ شيئر وڪرو ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 42 ارب جي لاٿ سان 14520 ارب ٿي وئي، ٻئي طرف ڪراچي صرافه بازار ۾سون 1000 رپيا واڌ سان 275000 مان 276000 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 10 ڊالرن جي اضافي سان 2642 ارب ڊالرن تي پهچي ويو، ٻئي طرف ڊالر جي مٿانهين اڏام جاري رهي، ڪالهه اوپن مارڪيٽ ۾ڊالر 10 پئسا واڌ سان 280 مان 280.1 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن پائونڊ ۽ يورو هڪ رپيو اضافي سان 351.5 مان 352.5 ۽ 291.5 مان 292.5 رپين تي پهچي ويا، جڏهن ته چاندي 3350 رپين تي برقرار رهي.