ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي: 100 انڊيڪس 598 پوائنٽن ( 1.05 سيڪڙو ) واڌ سان 57676 پوائنٽن تي بند ٿي، جڏهن ته گذريل ڏينهن انڊيڪس 57078 تي پهتي هئي، مارڪيٽ ۾ بهتري سبب سيڙپڪار سرها نظر اچي رهيا هئا،  واضح رهي ته 3 نومبر تي اليڪشن جي تاريخ اچڻ بعد 100 انڊيڪس ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي هئي