ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ۽ مندي جو سفر: سيڙپڪار پريشان، ڪالهه صبح جو 100 انڊيڪس 622 پوائنٽن جي واڌ سان 117742 پوائنٽن تي پهتي، منجهند ڌاري انڊيڪس ۾ 1400 پوائنٽن جي گهٽتائي ٿي وئي، جنهن سبب سيڙپڪارن کي مٿي تي هٿ اچي ويا، شام ڌاري انڊيڪس 467 پوائنٽن جي واڌ سان 117586 پوائنٽن تي بند ٿي.