ڪراچي(ڪامرس نيوز) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي بعد تيزي اچي وئي. ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات ئي ناڪاري انداز ۾ ٿي ۽ انڊيڪس 562 پوائنٽون گهٽجي هڪ لک 15 هزار 877 پوائنٽن تي پهتو. پر وري اوچتو تيزي اچي وئي ۽ انڊيڪس ۾ 400 پوائنٽن جو اضافو ٿي ويو. ڪاروبار ختم ٿيڻ تي انڊيڪس 193 پوائنٽن جي اضافي سان هڪ لک 16 هزار 633 پوائنٽن تي بند ٿيو. 26 ڪروڙ 80 لک شيئرز جو سودو ٿيو جنهن جي ماليت 19 ارب رپيا رهي.