ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي: 100 انڊيڪس نفسياتي حد تي پهچي وئي، سيڙپڪارن جا پوڻا 2 کرب ٻڏي ويا، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪجهه شعبن کي مانيٽري پاليسي  ۾ وياج جي موجوده شرح 22 سيڪڙو ۾ لاٿ جي اميد هئي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي نه ٿيڻ ڪري هنن شيئر وڪڻڻ ( آف لوڊنگ) کي اوليت ڏني، ساڳئي ريت اوڌر تي شيئر جو واپار ڪندڙن پاران اوچتو شيئر وڪڻڻ سبب بحران پيدا ٿيو، ڪالهه منجهند جو 100 انڊيڪس 589 پوائنٽن جي واڌ سان67 هزار پوائنٽن تي پهتي، جڏهن ته شام جو اها 1146 پوائنٽن جي لاٿ سان 65280 پوائنٽن تي بند ٿي، هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 66000 پوائنٽن واري نفسياتي حد کان به هيٺ اچي وئي، جنهن سبب 74 سيڪڙو شيئرز جا اگهه ڪري پيا، جنهن سبب سيڙپڪارن جا هڪ کرب 75 ارب رپيا ٻڏي ويا