ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري: 39 ڪروڙ شيئر  وڪرو: سون 1200 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جي 100 انڊيڪس 150 پوائنٽن جي اضافي سان 78992 پوائنٽن تي پهچي وئي، ڪالهه انڊيڪس 405 پوائنٽن تي بينڊ ٿيڻ باوجود 80114 پوائنٽن واري حد کي ڇهي ورتو هو، جڏهن ته 20 ارب 92 ڪروڙ رپين جا 38 ڪروڙ 90 لک شيئر وڪرو ٿيا، هوڏانهن مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 11 ارب جي گهٽتائي سان 10653 اربن تي بند ٿي، ٻئي پاسي  ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  1200 رپيا اضافي سان 245600 مان 246800 رپيا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ 10 ڊالرن جي واڌ سان 2382 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، جڏهن ته چاندي 2900 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 70 پئسا واڌ سان 280.55 مان 281.25 ۽ انٽر بينڪ ۾ 10 پئسا اضافي سان 278.61 رپين تي پهچي ويو، هوڏانهن پائونڊ پوڻا  2 رپيا واڌ سان 356.25 مان 358 ۽ يورو ڏيڍ رپيو اضافي سان 302 مان 303.5 رپين تي  بند ٿيا.