ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ  مارڪيٽ ۾ بهتري: سيڙپڪارن 80 ارب ڪمايا، ان ڏس ۾ ڪالهه 100انڊيڪس515 پوائنٽن جي اضافي سان122761 پوائنٽن تي پهتي، جڏهن ته 1087 پوائنٽن تي بينڊ پڻ ٿي، هڪ موقعي تي انڊيڪس 123256 پوائنٽن واري بلندي کي ڇهي ورتو، مارڪيٽ ۾ 28 ارب جا 74 ڪروڙ97 لک شيئر وڪرو ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن  80 ارب جي واڌ سان 14858 اربن تي پهتي.