ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري: سيڙپڪارن 40 ارب ڪمايا، ان ڏس ۾ 100انڊيڪس 383 پوائنٽن جي واڌ سان 122024 پوائنٽن تي پهتي، هڪ موقعي تي انڊيڪس 122611 پوائنٽن جي بلندي کي ڇهي ورتو، مارڪيٽ ۾ 21.8 ارب ارپين جا 59 ڪروڙ شيئر وڪرو ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 40 اربن جي واڌسان 14768 اربن تي پهچي وئي.