ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري: سون 1800 رپيا سستو: ڊالر 283.25 رپين تي برقرار، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1800 رپيا لاٿ سان 352700 مان 350900 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 18 ڊالرن جي گهٽتائي سان 3325 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف چاندي 3 رپيا واڌ سان 3439 مان 3442 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته ڊالر 283.25، پائونڊ 379 ۽ يورو 321.5 رپين تي بيٺل رهيا، هوڏانهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي آهي، 100 انڊيڪس 3647 پوائنٽن جي واڌ سان 107174 پوائنٽن تي پهتي، ڪالهه وڌ ۾ وڌ سطح 107541 ۽ گهٽ ۾ گهٽ سطح 102420 پوائنٽ رهي، 99 ڪمپنين جي شيئرن ۾ لاٿ آئي، مارڪيٽ ۾28 ارب جا51 ڪروڙ 45 لک شيئر وڪرو ٿيا.