پائونڊ 3 رپيا واڌ سان 386 ۽ يورو ڏيڍ رپيو واڌ سان 329 رپين تي بند
ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري، سون وڌيڪ1595 رپيا سستو، ان ڏس ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾100انڊيڪس 600 پوائنٽن جي اضافي سان 120652پوائنٽن تي پهتي، ٻئي طرف ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 1595 رپيا اضافي سان 358595 مان 357000 رپيا تولو تي پهچي ويو، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ پوڻا 286 رپين تي برقرار رهيو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ 9پئسا لاٿ سان 283.55 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن پائونڊ 3 رپيا واڌ سان 383 مان 386 ۽ يورو ڏيڍ رپيو اضافي سان 327.5 مان 329 رپين تي بند ٿيا، جڏهن ته چاندي 3915 رپين تي بيٺل رهي.