ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ ) سون 200 رپيا سستو: ڊالر 279.75 رپين تي بيٺل: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪار63 ارب ٻوڙائي ويٺا، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 200 رپيا لاٿ سان 262700 مان 262500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 2503 ڊالر في آئونس تي بيٺل رهيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾279 .75 رپين تي برقرار رهيو ، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ 10 پئسا واڌ سان 278.64 رپين تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 2950 رپين تي برقرار رهي، جڏهن ته  پائونڊ اڍائي رپيا گهٽتائي سان 369 مان 366.5 ۽ يورو پوڻا 4 رپين جي لاٿ سان 312 مان 308.25 رپين تي بند ٿيا، هوڏانهن اسٽاڪ مارڪيٽ ٻيهر ٻاڙائي جو شڪار ٿي وئي، 100 انڊيڪس 204 پوائنٽن جي لاٿ سان 78283 پوائنٽن تي پهچي وئي، ڪالهه 15.87 اربن جي ماليت جا 45 ڪروڙ شيئر وڪرو ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 63 ارب جي لاٿ سان 10421 اربن تي پهچي وئي.