ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ)اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ لک 28 هزارن واري حد تي به پهچي وئي، سون به 6600 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ نئين مالي سال جي پهرين ڏينهن تي اسٽاڪ مارڪيٽ 2572 پوائنٽن جي واڌ سان128199 پوائنٽن تي پهچي وئي، جڏهن ته ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 6600 رپيا واڌ سان 350200 مان 356800 رپيا تولو تي پهچي ويو ، هوڏانهن پائونڊ 50 پئسا اضافي سان 394.1 مان 394.6 ۽ يورو 3 رپيا واڌ سان 335.6 مان 338.6 رپين تي بند ٿيا، ٻئي طرف چاندي 3824 ۽ ڊالر 286.15 رپين تي برقرار رهيا.