ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ لک 17 هزار واري سطح ٻيهر ماڻي ورتي، ڪالهه 100 انڊيڪس 1881 پوائنٽن جي اضافي سان 117008 پوائنٽن تي بند ٿي ، هڪ موقعي تي انڊيڪس 117341 پوائنٽن واري بلند سطح تي به پهتي، ڪالهه 46 ارب جا 95 ڪروڙ شيئر وڪرو ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 173 ارب جي اضافي سان 14669 اربن تي پهتي