ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ ساڍا 6 سال پراڻو ريڪارڊ  ٽوڙي ڇڏيو، ان ڏس ۾ 100 انڊيڪس  347 پوائنٽن ( 0.66 سيڪڙو) جي اضافي سان 53004 پوائنٽن تي بند ٿيو، ماهرن موجب ڪاري ناڻي خلاف حڪومتي ڪاررواين، اليڪشن جي تاريخ اچڻ ۽ آءِ ايم ايف جي ٻي قسط ملڻ  سبب مارڪيٽ ۾ بهتري اچي وئي آهي،  واضح رهي ته  سال 2021ع ۾ 100 انڊيڪس 44596 ۽ سال 2022ع ۾ 42420 پوائنٽن تي بند ٿي.