ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ جا پويان پير: سيڙپڪارن جا 3 ڏينهن ۾ 2 کرب ٻڏي ويا، ان ڏس ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٽيون منفي ڏينهن رهيو، 100 انڊيڪس 4795 پوائنٽن جي لاٿ سان 106274 پوائنٽن تي بند ٿي، جڏهن ته انڊيڪس جي گهٽ ۾ گهٽ سطح 105937 پوائنٽن تي به پهتي، جڏهن ته5807 پوائنٽن تي بينڊ پڻ ٿي، ڪالهه 56 ارب رپين جا 1.16 ارب شيئر وڪرو ٿيا، مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن541 اربن جي لاٿ سان 13603 ارب تي پهتي، واضح رهي ته 3ڏينهن ۾ 9894 پوائنٽن جي لاٿ سان  ٿي، جنهن سان سيڙپڪارن جا  208 ارب  ( 2 کرب) ٻڏي ويا.