ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)اسٽاڪ مارڪيٽ تر ورتو: سون 1100 رپيا مهانگو؛ ڊالر ۾ به لاٿ، ان ڏس ۾2 ڏينهن تائين بلندين کي ڇهندڙ اسٽاڪ مارڪيٽ ٻاڙائي جو شڪار ٿي وئي، 100 انڊيڪس 3 نفسياتي حدون وڃائي121851 پوائنٽن تي بند ٿي، جنهن سبب سيڙپڪارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا،  هوڏانهن ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 1100 رپيا اضافي سان 356900 مان 358000 رپيا تولو تي پهتو، جڏهن ته ڊالر 25 پئسا لاٿ سان 285.75 مان 285.5  رپين تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 3838، پائونڊ 387.65 ۽ يورو 328.75 رپين تي بيٺل رهيا.