اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئين تاريخ لکجي وئي، هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک پوائنٽس جي حد پار ڪري ورتي، اڄ ڪاروبار جي شروعات تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بينچ مارڪ ڪي ايس اي هنڊريڊ انڊيڪس 12 سئو 10 پوائنٽس جي اضافي بعد هڪ لک پوائنٽس جي تاريخي حد پار ڪئي، اسٽاڪ مارڪيٽ 17 مهينا اڳ رڳو 40هزار پوائنٽس جي سطح تي موجود هئي ۽ رڳو 17 مهينن جي عرصي ۾ مارڪيٽ 60 هزار پوائنٽس اضافي سان هڪ لک جي حد پار ڪئي، گذريل ڏينهن هنڊريڊ انڊيڪس 4 هزار 695پوائنٽس جي تاريخي واڌ سان 99 هزار 269 جي نئين بلند ترين سطح تي پهتي هئي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو هو ته ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ هڪ ئي ڏينهن اندر 4 هزار 695 پوائنٽس جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، پي ايس ايڪس ويب سائيٽ موجب بينچ مارڪ ڪي ايس اي هنڊريڊ انڊيڪس 4 هزار 695 پوائنٽس يا 4 ڏهائي 73 سيڪڙو جي واڌ سان هڪ لک پوائنٽس جي حد ويجهو 99 هزار 269 تي بند ٿي.