ڪراچي (ڪامرس نيوز) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڪالهه ٻاڙائي جو شڪار رهي ۽ سيڙپڪارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو. ڪالهه ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن ئي شيئرمارڪيٽ سخت ٻاڙائي جو شڪار رهي. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 665 پوائنٽون گهٽجي هڪ لک 13 هزار 862 پوائنٽن تي بند ٿيو. ڪالهه مارڪيٽ ۾ 15 ارب 74 ڪروڙ 76 لک 56 هزار 38 رپين جي ماليت جا 33 ڪروڙ 32 لک 5 هزار 128 شيئر وڪرو ڪيا ويا.