ڪراچي(ڪامرس نيوز) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڪالهه ٻئي ڏينهن به ٻاڙائي جو شڪار رهي. ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 366 پوائنٽن جي گهٽتائي ٿي. پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس 81 هزار 500 پوائنٽن جي نفسياتي حد برقرار رکي نه سگهيو ۽ 81 هزار 483 پوائنٽن تي بند ٿيو. ڪالهه 12 ارب 28 ڪروڙ 26 لک 61 هزار 158 رپيا ماليت جي 14 ڪروڙ 86 لک 22 هزار 968 شيئرز جا سودا ٿيا. سيڙپڪارن جا اربين رپيا ٻڏي ويا.