ڪراچي(ڪامرس نيوز) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڪالهه وري ٻاڙائي جو شڪار رهي ۽ انڊيڪس 3790 پوائنٽن گهٽتائي ٿي ڪالهه ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن شيئرمارڪيٽ سخت ٻاڙائي جو شڪار رهي. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 3790 پوائنٽون گهٽجي هڪ لک 11 هزار 70 پوائنٽن تي بند ٿيو. ڪالهه مارڪيٽ ۾ 60 ارب رپين جي ماليت جا هڪ ارب 11 ڪروڙ شيئرز جاس سودا ڪيا ويا. سيڙپڪارن کي اربين رکين جو نقصان ٿيو. مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 437 ارب رپيا گهٽجي 14 هزار 145 ارب رپيا ٿي وئي.