ڪراچي (ڪامرس نيوز) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج وري تيزي ۾ ختم ٿي. ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن ڪاروبار شروع ٿيو ته تيزي هئي جڏهن ته سڄو ڏينهن ڪاروبار ۾ لاها چاڙها برقرار رهيا. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 34 پوائنٽن جي اضافي سان هڪ لک 17 هزار 806 پوائنٽن تي بند ٿيو. ڪالهه مارڪيٽ ۾ 19 ارب رپين جي ماليت جا 32 ڪروڙ 99 لک شيئر وڪرو ڪيا ويا. 446 ڪمپنين ۾ 168 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو ۽ 216 جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي. اڄ جمعته الوداع جي موقعي تي اسٽاڪ ايڪسچينج بند رهندي. ٻئي طرف انٽربينڪ ۾ ڊالر 4 پئسا سستو ٿيو ۽ نئين قيمت 280 رپيا 22 پئسا رهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 282 رپين تي برقرار رهيو جڏهن ته برطانوي پائونڊ 25 پئسا سستو ٿي 365 رپيا 25 پئسا رهيو. چيني يئان 4 پئسا مهانگو ٿي 37 رپيا 99 پئسا، يورو 50 پئسا سستو ٿي 304 رپيا ۽ ملائيشين رنگٽ 49 پئسا مهانگو ٿي 63 رپيا 17 پئسا ۾ وڪرو ڪيو ويو.