ڪراچي(ڪامرس نيوز) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪالهه تيزي رهي. انڊيڪس هڪ لک 18 هزار پوائنٽن جي نفسياتي حد به پار ٿي وئي. ڪالهه ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن ئي شيئرمارڪيٽ تيزي سان شروع ٿي. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1067 پوائنٽون وڌي ويو. انڊيڪس هڪ لک 18 هزار 383 پوائنٽن تي بند ٿيو. ڪالهه مارڪيٽ ۾ هڪ لک 15 هزار، 16 هزار، 17 هزار ۽ 18 هزار جون نفسياتي حدون بحال ٿي ويون. مارڪيٽ ۾ 67 ڪروڙ شيئرز جا 36ا رب رپين ۾ سودا ٿيا. مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 148 ارب رپيا وڌي وئي 14 هزار 494 ارب رپيا ٿي وئي.