ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسپشل بينڪنگ ڪورٽ اسٽاڪ ايڪسيچينج جي اندروني ڳجهي ڄاڻ (انسائيڊر ٽريڊنگ) جي غيرقانوني استعمال واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي نجي بينڪ حبيب ميٽروپوليٽن جي اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ ذاڪر حسين تي 85 لک 99 هزار ڏنڊ وجهي ڇڏيو، عدالتي فيصلي موجب جوابدار 7 ڏينهن ۾ ڏنڊ جي رقم ادا ڪندو، ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ کيس جيل موڪليو ويندو، عدالت چيو ته جوابدار 2017 کان ڪيس کي منهن ڏئي رهيو هو، انهي ڪري کيس جيل موڪلڻ بجاءِ رڳوڏنڊ لاڳو ڪيو پيو وڃي، پراسيڪيوشن چيو ته جوابدار ڳجهي ڄاڻ جي غيرقانوني استعمال سان ٽيڻي رقم ڪمائي هئي، جوابدار خلاف سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن شڪايت داخل ڪرائي هئي.