ڪراچي ( رپورٽ : حبيب جمالي)  ايف آءِ اي جي اسٽاپ لسٽ ۾ شامل بااثر شخصيتن جو انگ 1000  تي پهچي ويو، ذريعن ٻڌايو ته  ڪراچي ايئر پورٽ تي پهتل لسٽ ۾ مختلف سياستدانن، سندن ويجهو رهندڙ شخصيتن  توڙي آفيسرن، واپارين، صنعتڪارن ۽ بلڊرن جا نالا شامل آهن، ذريععن ٻڌايو ته اسٽاپ لسٽ ۾ ڏنل نالا آءِ بي ايم سسٽم ۾ هوندا آهن، جڏهن ته هر عالمي اڏام کان اڳ به وڌيڪ نالا ايئرپورٽ تي مقرر  ايف آءِ اي عملي کي ڏنا ويندا آهن