14 جون جي شام کان پوءِ جڏهن ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ نئين سطح تي پهتي، تيhran، اصفهان ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ انٽرنيٽ بليڪ آئوٽ ٿيو. ان ئي وقت ايلون مسڪ طرفان هڪ مختصر پيغام آھي”The beams are on اهو پيغام ظاهر ڪري رهيو هو ته اسٽارلنڪ انٽرنيٽ سروس ايران لاءِ فعال ڪئي وئي آهي
جيئن ته جنگي حالتن ۾ معلومات تائين رسائي ۽ رابطن جي آزادي انتهائي اهم هوندي آهي، اسٽارلنڪ جي سروس ايران جي عام شهرين، صحافين، ۽ ايمرجنسي سروسز لاءِ هڪ اميد بڻجي سگهي ٿي. پر هتي سوال اڀري ٿو: ڇا ان مان فقط فائدو ورتو ويندو؟ يا ان جو استعمال ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ به ٿيندو؟
جنگي تجزيو فائدن سان گڏ خطرا
اسرائيلي ايجنٽن لاءِ آسان ڳانڍاپو؟ ڪيترن مغربي ۽ وچ اوڀر جي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته اسٽارلنڪ ذريعي جاسوسي، ڪميونيڪيشن ۽ ٽارگيٽنگ کي وڌيڪ مؤثر بڻائي سگھجي ٿو. ڇاڪاڻ
اسٽارلنڪ جو سگنل حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر هوندو آهي ايران جي روايتي سيڪيورٽي سسٽم کي انٽرسيپٽ ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو جيڪڏهن ڪابه فوجي يا غير رياستي قوت اسٽارلنڪ استعمال ڪندي آهي، ته ان جي ڪارروائي ڳولڻ مشڪل ٿيندي
ٽارگيٽنگ جي سھولت
اڪثر ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسرائيلي آپريٽِو يا موساد سان لاڳاپيل قوتون اسٽارلنڪ جي مدد سان جيو لوڪيشن، نشانو چونڊڻ، يا لائيو معلومات وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن، ته اها ڳالهه ايران لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. اهڙي سھولت سان چوڪيداري سسٽم ۽ روڪي واري حڪمت عملي ڪمزور ٿي سگھي ٿي
فائدا
صحافت لاءِ اسٽارلنڪ سان صحافين کي لائيو رپورٽنگ، وڊيو ڪالز، ۽ عالمي ادارن سان رابطو ممڪن ٿئي ٿو
ايمرجنسي سروسز لاءِ اسپتالون، ايمبولينس سسٽم، ۽ متاثر ٿيل علائقن جي مدد لاءِ رابطن جو برقرار رهڻ انتهائي ضروري هوندو آهي
شهرين لاءِ شهري حڪومت جي پابندين باوجود پنهنجي خاندانن، دوستن سان رابطو ۾ رهن ٿا، سوشل ميڊيا تي حالتون ظاهر ڪري سگهن ٿا
ڇا اها سڌي مداخلت آهي؟
اها ڳالهه هاڻ عالمي بحث جو حصو بڻجي چڪي آهي ته جنگي حالتن ۾ هڪ خانگي ڪمپني (جئين SpaceX) ڪنهن ملڪ اندر معلوماتي ڦاٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ قدم کڻي ته ڇا اها غيرجانبدار رهندي؟
ايلون مسڪ جي نيت سٺي هجي پر جڏهن جنگي قوتون (چاهي اهي اسرائيلي هجن يا آمريڪي ايجنسين سان ڳنڍيل) انهيءَ سسٽم مان فائدو وٺن ته اتي سوال اڀرن ٿا
ڪجهه رپورٽون ظاهر ڪن ٿيون ته پيش قدم ڳولا وارين فوجي آپريشنز ۾ اسٽارلنڪ مددگار بڻجي سگھي ٿي خاص طور تي اُهو ان وقت واضح ٿيو جڏهن يوڪرين جنگ دوران به اهڙي سروس جا هٿياربند فائدا ورتا ويا
ٽيڪنالاجي هٿيار بڻجي رهي آهي؟
اسٽارلنڪ جي آمد معلوماتي آزادي لاءِ مفيد ضرور آهي، پر جنگي ماحول ۾ ان جو اثر هڪ ٻنڌڻ وانگر آهي جيڪو هڪ پاسي آزادي ڏئي ٿو ته ٻئي پاسي ڪنٽرول ۽ حملي لاءِ نوان در کولڻ لڳي ٿو
اهو نئون مرحلو واضح ڪري ٿو ته هاڻ جنگ فقط بارود يا ميزائلن جي نه رهي پر معلومات، انٽرنيٽ، سيٽلائيٽ ۽ نيٽ ورڪ جي دنيا ۾ وڙهي ويندي. (فيس بوڪ تان ورتل)