اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌسماءَ جي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو مامرن جي نگران وزير سرفراز بگٽي چيو آھي ته گذريل هڪ هفتي کان اسمگلنگ خلاف آپريشن هلي رهيو آھي هنڊي ذريعي ڊالر جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف به آپريشن هلي رهيو آهي، اسان لاءِ پاڪستان ۽ پاڪستاني اهم آهن، اسان فيصلو ڪري ڇڏيو آھي ته ذخيرا اندوزي جهڙي برائي خلاف هر حد تائين ويندا سين،  ڪاروائين بعد کنڊ جي مصنوعي  کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي، ڪڻڪ، کنڊ، ڀاڻ ، ڊالر تيل جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين، شهري ٻڌائن ته ڪٿي ذخيرا اندوازي،ڪرنسي اسمگلنگ ٿئي ٿي ته انعام طور رقم ڏني ويندي، ان لاءِ جلد ٽول فري نمبر جاري ڪيو ويندو، جنهن تي اطلاع ڏئي سگهبا.  هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ڀلي ڪير ڪيتري وڏي مڇي هجي يا ننڍي مڇي، غلط عمل ۾ ملوٽ هوندو ان خلاف ڪاروائي ڪنداسين، گهرو وزير چيو ته ذخيره اندوزي ڪندڙن ۽ اسمگلرن سان ڪا رعايت نه ٿيندي، اهڙي عمل ۾ ملوث ماڻهن جا نالا ميڊيا ذريعي پڌرا ڪنداسين، ڊالرن جي اسمنگلنگ سوڌو ذخيرا اندوزي جا هر سومر تي تفصيل جاري ڪيا ويندا، شرم جو مقام آهي ته اسان جا پنهنجا ماڻهو ذخيره اندوزي ڪري رهيا آهن، ذخيره اندوزي ڪندڙن کي جيل موڪلينداسين، عدالتن مان سزا ڏيارينداسين، معاشي چيلنج کي رياست بڻجي منهن ڏينداسين، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ پاڪستان خلاف ڏوهه آهي، ملڪ کي نقصان پهچائيندڙن سان رعايت نه ٿيندي، حوالا هنڊي به دهشتگردي آهي، حوالا هنڊي خلاف آپريشن جاري آهي، ايف آءِ اي ڇاپا هڻي 48 کان 50 ماڻهو گرفتار ڪيا آهن.