قاضي احمد (ن پ ا) اسماعيل ڏاهري جي ڀينرن حميدهه ۽ فريدهه ڏاهري چيو آهي ته اسان جي ڀائرن اسماعيل ڏاهري ۽ علي رضا ڏاهري کي جيل اندر زهر وسيلي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ٽن مهينن کان شروع ڪيل بربريت اڃا تائين جاري آهي، هتي صحافين آڏو دانهيندي هنن چيو ته ٻنهي ڀائرن کان پوءِ معصوم پٽن علي مصطفيٰ ۽ رحيم بخش سميت خاندان جا 250 کان مٿي ماڻهو قيد ڪيا ويا آهن، هنن چيو ته رات هجي يا ڏينهن هجي، پوليس گهرن، بنگلن سميت زرعي زمينن تي چڙهايون ڪري ٽريڪٽر، ٿريشر، بجلي جا ٽرانسفامر ۽ سولر ٽيوب ويل کڻي وڃي ٿي، هنن دولتپور جي ڏاهري چڱن مڙسن سميت سموري برادري جي ماڻهن لاءِ هٿن ۾ چوڙيون کڻي ڏوراپو ڏيندي چيو ته بس هاڻ گهڻو ٿي گذريو، چوڙيون پائي گهرن ۾ چپ ڪري ويهي رهو، ظلم ڏسندا رهو، هي ڏکئي گهڙي اسماعيل ڏاهري جي خاندان تان به گذري ويندي، هنن پير پاڳاري ۽ سنڌ جي قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته انسانيت جي ناتي اسان جي مدد ڪئي وڃي.