نوابشاهه (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سردار محمد اسماعيل ڏاهري ۽ سندس ڀاءُ علي رضا ڏاهري جي هڪ ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي آهي، نوابشاھ جي عدالت ٻه ڏينهن اڳ دليل ٻڌي فيصلو محفوظ ڪيو هو، نوابشاھ جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ محمد اسماعيل ڏاهري ۽ علي رضا ڏاهري جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جڏهن ته عدالت ۾ ڌرين جا وڪيل سچل مجيب ماڇي ۽ مختيار رند پيش ٿيا، نوابشاھ جي عدالت ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي 30، 30 هزار جي مچلڪن عيوض محمد اسماعيل ڏاهري ۽ علي رضا ڏاهري جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي , واضح رهي ته دولتپورصفن جي ڳوٺ بڊو ڏاهري واسي محمد عظيم ڏاهري پاران هڪ مهينو اڳ دولتپورصفن ٿاڻي تي گناھ نمبر 170/2024 تي ڪيس داخل ڪرايو هو ته اسماعيل ڏاهري ۽ علي رضا ڏاهري تي چار سال اڳ جي واقعي جو الزام ڄاڻايو هو ته 60 ماڻهن سان گڏجي ڳوٺ تي ڪاهه ڪري، ڀڃ ڊاهه ڪري ۽ هوائي فائرنگ ۽ ڦر لٽ ڪئي آهي، هوڏانهن محمد اسماعيل ڏاهري ۽ علي رضا ڏاهري جي وڪيل سچل مجيب ماڇي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته عدالت مان اسان کي ڀرپور اميد آهي ته محمد اسماعيل ڏاهري ۽ علي رضا ڏاهري مٿان سياسي انتقام طور داخل ٿيل سڀ ڪيس ختم ٿيندا ۽ عدالتن مان انصاف ملندو. تمام جلد ٻين ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواستن تي فيصلو اچي ويندو، جڏهن ته عدالت ۾ سردار محمد اسماعيل ڏاهري جي ڀيڻ حميدان ڏاهري پڻ پيش ٿي.