شاهپور جهانيان (ن پ ا) شاهپور جهانيان اڳوڻي صوبائي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏاهري مٿا مورو ٿاڻي  تي داخل ڪيل ڪيس ۾ ايڊيشنل سيشن جج مورو جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي اسماعيل جي ڀيڻ حميدا ڏاهري پنهنجي وڪيل سچل مجيب ماڇي سان گڏ پيش ٿي جتي درخواست گذار موقف اختيار ڪيو تي اسان کي پنهنجي ڀاءُ سان ملاقات نٿي ڪرائي وڃي اسماعيل ڏاهري جي جان کي خطرو آهي ۽ وڪيل  سان به نٿو ملڻ ڏنو وڃي درخواست گذار ڪورٽ سڳوري کي درخواست ڪئي تي اسان کي اسماعيل ڏاهري سان ملاقات ڪرائي وڃي  ان موقعي تي سرڪار وڪيل ڪورٽ کي آگاهي ڏني تي جوابدار جو وڪالت نامو لاڙڪاڻي سينٽر جيل تان سگنچر ڪري موڪليو ويو آهي، ان ڪري تاريخ ڏني وڃي اسماعيل ڏاهري جي وڪيل سچل مجيب ماڇي  عدالت کي ٻڌايو تي اسماعيل ڏاهري کي اسان سان ملاقات نٿي ڪرائي وڃي، ان کي جيل اندر علاج جي سهولت به ناهي ڏني وئي ان تي ايڊيشنل سيشن جج پنهنجي حڪم نامو جاري سينٽر جيل لاڙڪاڻي جي جيل سپريڊنٽ کي حڪم جاري ڪيو اسماعيل ڏاهري سان ملاقات وارث ۽ وڪيل جي ملاقات ڪرائي وڃي، وڪالت نامو  ايندڙ ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين جمع ڪرايو وڃي ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي تي اسماعيل تي ٽوٽل 9ڪيس داخل آهن 8ڪيس م اڳئي ڪورٽ سڳوري کان ضمانت منظور ٿيل آهي باقي آخري ڪيس جيڪو مورو ٿاڻي تي داخل ڪيل آهي ان ڪيس جي ٻڌڻي مورو ڪورٽ ۾ رکيل هئي.