مورو (ن پ ا) اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي آخري ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي،31 ڊسمبر تائين فيصلو محفوظ، خبر موجب مورو جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ اسماعيل ڏاهري جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ اسماعيل ڏاهري جا وڪيل سچل مجيب ماڇي ۽ مختيار رند پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران اسماعيل ڏاهري جي وڪيلن پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، فريادي ڌر جي وڪيل تقرير جي  تياري نه هجڻ سبب درخواست جمع ڪرائي وقت ڏيڻ جي گهر ڪئي، عدالت پاران 31 تاريخ دليل مڪمل ڪرڻ ۽ فيصلو ٻڌائڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، وڪيلن ٻڌايو ته اسماعيل ڏاهري جي هن ڪيس کانسواءِ سمورن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿي چڪي آهي، هن ڪيس ۾ ضمانت ٿيڻ بعد هو آزاد ٿي ويندو.