سڳيون(ن پ ا) سڳيون ڀرسان ڳوٺ محمد حسن قريشي ۾ سنڌ جي هارين، مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ مرحوم محمد اسماعيل قريشي جي 16 هين ورسي ملهائي وئي، ورسي جي موقعي تي هاري ڪانفرنس ٿي، جنهن جي صدارت مير منور ٽالپر ڪئي، ان موقعي تي سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪميونسٽ پارٽي اڳواڻن سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، مير منور ٽالپر، امداد قاضي، اقبال، نثار سومرو، صالح سومرو، فرحان سهتو، فريد سومرو، سکيو قريشي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مرحوم اسماعيل قريشي جي جدوجهد کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا، اسماعيل قريشي پنهنجي سڄي زندگي هارين، مزدورن ۽ پٺتي پيل ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، هنن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جي نگري ۾ اچي ڪوڙ ڳالهايو ته ڪي به ڪئنال نه پيا ٺهن، هن چيو ته سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي ان جي هر صورت ۾ حفاظت ڪرڻ لاءِ سياسي مزاحمت ڪنداسين.