کورواھه (ن پ ا) موري ميھڙ دادو ۾ ڍاٽيئڙا پٽ ڍول ڪٺا، جھڙيون سٽون سرجيندڙ سنڌ جي قومي ۽ مزاحمتي شاعر اسماعيل اداسي جي 74ھين سالگرهه تقريب سنڌي ادبي سنگت شاخ کورواھه پاران پريس ڪلب ۾ منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي مير چانڊيو، ملوڪ نوتڪاڻي، مخدوم نياز، خليل درس، بچل ننڌو، قربان اداسي ۽ ٻين اسماعيل اداسي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته اسماعيل اداسي مزاحمتي شاعر ھو، ھن جيل به ڪاٽيو، ھنن چيو ته اداسي جي شاعري تحريڪن کي جلا بخشي ۽ پورھيت طبقي  کي  حق حاصل  ڪرڻ لاءِ شعور ڏنو، سندس شاعري پيڙھيل طبقي جي ترجماني ڪري ٿي، ھو قوم جو اثاثو آھي، مقرن ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو ته اسماعيل اداسي جي ورسي ۽ سالگراھ تقريبون سرڪاري سطح تي ملھايون وڃن ۽ سندس رھيل مواد ڇپرائي منظر عام تي آندو وڃي.