اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ جي ڪولهي پاڙي ۾ خودڪشيءَ جو واقعو، 6 ٻارن جي ماءُ گهرو پريشانين ۽ مڙس کان ناراض ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب گذريل ڏينهن اسلام ڪوٽ جي ڪولهي پاڙي ۾ 32 ورهين جي شادي شده نوجوان ناري ڇهن ٻارن جي ماءُ شريمتي لاڏو ٻائي زال وڪرم ڪولهي غربت، گهريلو پريشانين کان تنگ ٿي گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سرڪاري اسپتال پهچايو. چيو وڃي ٿو فوتي عورت غربت ۽ مڙس کان ناراض ٿي خودڪشي ڪئي، کيس 6 ٻارن جو اولاد آهي. پوليس موجب فوتي ناري جي وارثن لکي ڏنو آهي ته ناري پنهنجي مڙس کان ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿي پنهنجو پاڻ ڦاهو کاڌو آهي، ڪابه قانوني ڪارروائي ڪرائڻ نٿا چاهيون، جنهن بعد ناري جو لاش سندن حوالي ڪيو ويو.