اسلام ڪوٽ(ن پ ا)اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو ڳوٺ ميهاري بجير ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين لنڪ روڊ جو اڌ ۾ پيل ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف چوٿين ڏينهن به احتجاج ڪيو،ڳوٺاڻن محمد حُسين بجير،اعجاز علي بجير،عبدالرزاق بجير،ڪيسر نون،لقمان جوڻيجو،گڻيس ميگهواڙ،بچو ميگهواڙ،ميوو ڀيل ۽ ٻين چيو ته اسلام ڪوٽ کان ڳوٺ ميهاري بجير تائين لنڪ روڊ جو ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويو آهي،روڊ جي رپيئر واري ڪم دوران پٿر وڇائي ٺيڪيدار غائب ٿي ويو آهي جنهن سبب ويتر تڪليف ۾ اچي ويا آهيون،اسان مسلسل چئن ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪير به دانهن ٻُڌڻ وارو ناهي،چون ٿا ته ٺيڪيدار پئسا ڪڍرائي هڙپ ڪري ويو آهي،اسان مطالبو ڪيون ٿا ته روڊ جو ڪم جلد مڪمل ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٺيڪيدار خلاف عدالت جو در کڙڪائينداسين