اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ ساجواڻي لڳ سوهجي جي ڍاڻي جي رهواسين بااثرن جي ظلمن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي، رهواسين سوهجو ميگهواڙ، هشمت ميگهواڙ، بيواهه ٻاجهو، ڌيا ٻائي ۽ ٻين ظلم خلاف دانهيندي چيو آهي ته رٽائرڊ ڊي ايس پي گومو ميگهواڙ اسان جي نوجوان گاگن ميگهواڙ کي اغوا ڪري گُم ڪيو آهي،گومو ميگهواڙ ۽ ٻين هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ شنوائي تي ويل اسان جي نوجوان گاگن کي اغوا ڪيو آهي، جنهن جي زندگي کي خطرو آهي، انصاف ڪيو وڃي،گومو ميگهواڙ، سليمان خاصخيلي ۽ ٻين پاران اغوا جي ڏنل ڌمڪين جي رڪارڊنگ به نوجوان گاگن جي موبائيل ۾ هئي، اُنهي ڪري نوجوان کي عدالتي احاطي مان کنڀي گُم ڪيو ويو آهي، اسان سان سراسر ظلم آهي، بااثر سروي زمين ڦٻائڻ ۽ قبضو ڪرڻ لاءِ تنگ ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي رهيا آهن، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي،اسان جي نوجوان جي زندگي خطري ۾ آهي، اُنهي کي ڪجھ به ٿيو ته اُنهي جا ذميوار مٿئين نالن وارا همراھ هوندا.