اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ سونل ٻه لڳ جان محمد نون جي رهواسين خوشحال ميگهواڙ، ڪرشن ميگهواڙ، گيان ميگهواڙ، اُتم ميگهواڙ، ڪرتو ميگهواڙ ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته اسان جي مائيٽاڻي ملڪيت تي مخالفن زبردستي قبضو ڪري ورتو آهي، جوابدارن سوهجو ميگهواڙ، هشمت ميگهواڙ، گاگن ميگهواڙ ۽ ٻين حملو ڪري اسان جي ڌُر جي هڪ ڄڻي کي مرڻينگ ڪيو آهي،جنهن جو جوابدار ڌُر جي ماڻهن تي ڪيس داخل ٿيل آهي،جوابدار گاگن ميگهواڙ ڪرمنل ۽ ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي جنهن تي ڪيترائي ڪيس داخل پُڻ ٿيل آهن، هنن چيو ته بااثر ستار سنگراسي، ماستر گورڌن ميگهواڙ، ماستر صادق سنگراسي ۽ ليمون ميگهواڙ جي بڇ تي جوابدار ڌُر جا ماڻهو اسان تي ڪوڙا اغوا جا الزام هڻي رهيا آهن، اسان تي گاگن ميگهواڙ کي اغوا ڪرڻ جو ڪوڙو الزام هنيو ويو آهي، جوابدار کي ضمانت رد ٿيڻ جي خوف سبب لڪايو ويو آهي، جيڪو ڪوڙ ظاهر ٿي ويو آهي، اسان جي مائيٽاڻي ملڪيت ٻنيءَ تي قبضو ڪري اسان کي اچڻ نه ٿو ڏنو وڃي، اُها ٻني پوکي نه ٿا سگهون، ظلم ۽ زدياتي به اسان سان آهي ۽ وري تنگ به اسان کي ڪيو پيو وڃي، جوابدارن جون اڳ ۾ عدالت به ضمانتون رد ڪري چڪي آهي، نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.